انودرت ( تال)

انودرت ( تال ):هيءَ لئي ۾ درت کان ٻيڻي رفتار واري ٿئي ٿي . يعني سندس ماترائن جو عرصو سيڪنڊ جي چوٿين حصي برابر هوندو آهي ، ڪي ڪي گائڪ درت کان پوءِ انودرت ۾ تانو هڻندا آهن . ترانو به گهڻو ڪري هن لئي ۾ ڳاتو وڃي ٿو . انودرت ۾ آنڱرين جي ڦڙتائي ۽ فن ۾ پختگي جي ضرورت رهي ٿي . ان کان سواءِ لئي جو لطف محال آهي . هن لئي ۾ تان هڻڻ ۾ پختگي ۽ هڪ سُر کان ٻئي تائين اچڻ لاءِ گلي ۾ وڏي لچڪ جي ضرورت آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو